سير ڍنڍ 1

سير ڍنڍ-1: هيءَ ڍنڍ شهدادڪوٽ شهر کان اتر اولهه طرف 9 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي، شهدادڪوٽ- قُبي سعيد خان روڊ جي ساڄي هٿ تي ڳوٺ محمد بخش کوسي جي اتر ۾ واقع آهي. هيءَ ڍنڍ مستقل آهي ۽ هڪ اندازي موجب ان جو ڦهلاءُ سو ايڪڙ کن ٿيندو. سياري جي مسوم ۾ ان جي پاڻيءَ تي سائيبريا، روس ، چين ۽ وچ اوڀر جي عرب ملڪن جا پکي اچي لهندا آهن. هيءَ ڍنڍ اونهاري جي مند ۾ سڪل رهندي آهي ۽ سياري ۾ سم جو پاڻي هن کي ڦوڪي/ ڦهلائي ڇڏيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو